اي چنڊ پرين٫ء کان آء پڇي ڇا توکي ننڊ به ايندي آ
جنهن ڏينهن روٺي هو مونکان ها تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ
هر رات جي سانت ۾ سڏڪن سان ٿو نيڙي نيهن وهائيان مان
ڇا هوء به راتين جون راتون مون وانکي ويهي روئيندي آ
اي چنڊ پرين٫ء کان آء پڇي .....
ڪله رات به مون توکان هو پڇيو پر توکي ڪوئي ڪياس نه پيو
اي چنڊ ڏوراپا مون وانکي ڇا هوء به توکي ڏيندي آ
اي چنڊ پرين٫ء کان آء پڇي .....
ڪنهن ياد کي ڪوري ڪپي ڪڍڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي
ايوب جي ناء ٻدڻ تي هو٫ء ڇا ويٺي ڇرڪ ڀريندي آ
اي چنڊ پرين٫ء کان آء پڇي ڇا توکي ننڊ به ايندي آ
جنهن ڏينهن روٺي هو مونکان ها تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ
اي چنڊ پرين٫ء کان آء پڇي