سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آه ڇوته ٻي رات ڪانه ٿيندي

ڪڏهن به تو تي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آءُ
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي

پکي پرو ڪا اڃانه آيا اُڪير تن جي کهلي رهي اه
اداس سر تي هوا اُٿي ٿي چوي پئي ڪا اڏار ٿيندي

ن ديپ دونھاٽجي ڪڏھن ھي للا ٽ جي لاٽ شال جرڪي
پره پري ها پتو نه آهي هي رات ڪيسين ڏوهارڏيندي

پرارتي ڪا پڪار آهي مگر اڳيان تکي تار آهي
ڪٿي اسان جي پڪار آهي اياز کي ڪيڏانھن ناو نيندي