محبوب جي مکڙي کي چتائي ته ڏسان مان،
اوساٽ هي اکڙين جو اجهائي ته ڏسان مان.
ڍولڻ جي نگاهن سان، ڪري چار نگاهون
بس کير ۾ ڪجه کنڊ ملائي ته ڏسان مان.
سرهاڻ سندس پيار جي، سر ساه ۾ سانڍي،
ڪا هير محبت جي گهلائي ته ڏسان مان.
بيدرد ۾ اميد اٿم اڄ به جفا جي،
پر وصل جي هڪ سئن لڳائي ته ڏسان مان.
غمناڪ محبت جو منير آهي فسانو،
هڪ وار پريتم کي ٻڌائي ته ڏسان مان.