اوڌرتي مان تنھنجي رخت ڏيندي ڏيندي٬

رھندو مان تنھنجو قرضي ٿيندو وڃان ٿو٠



منھنجي جسم واري مٽي جي حصي کي٬

تنھنجا ٿورا جو ڪُنَ ۽ پيڪـون ويڙھي٬

پنھنجي وارثي ڏئي تو ٬ پنھنجو بڻايو٬

نڃاڻا نڃاڻا توکي ايڏن جڳھن کان٬

منھنجو خاڪـي چاڻو تحن ۾ لڪـايو٠

چٽين چانڊوڪـين باک بلبن جو جوتو٬

حياتي جي حسناتين واريون سوچيون٬

وڇوڙي جا ماحا وصل جا جمالا

غلامي غريبي جا پٽڪـا پاڏارا٬

تا سارين چپن تاڻ سنڌوء جاگھارا٬

بکي پيٽ لاءِ سنگ ڪـڻڪـن جا ٻارا٬

منھنجي ڀاڳي وارا بچائي رکيا ھا٬

صدين کان تو مون لاءِ سنڀاري رکيا ھا٠

مڃان ٿو ت تنھنجا آ فت مون تي ٿورا ٬

مگر تنھنجو تنھن کان اتم ٿورو آ جو٬

سادا سرسبز اوڇيھ جي سھڻي گھٽي ۾٬

تنھنجي پاک پنترتا واري مٽي تي٬

او ڌرتي جيکا سونھن سرتي رھي ٿي٬

سا سرتي منھنجي سڃي شاعري ۾٬

سندرتا جون سھسي رنگينيون ڀري ٿي٬

ڊگھين جاوراڪـين ۾ گونجون گجي ٿي٬

سٽين ۾سڀيتا جون سرکيون ڀري ٿي٠

۽ باقي تصرف جا ورت ۽ وزيفا٬

مٽي سان ماڻھن جي سڳند جا سرشتا٬

چمين چاھ چسکين ڳراٽين جا گشتا٬

نباتن پتاشن ڳنڍيرين جا ڳٽکا٬

انوکھين ادائن اشارن جا جٽكا٬

او منھنجي مٽي سنڌ تون ٿي پوين ٿي٬

جئين گل تئين جند ساڻ جڙجي پوين ٿي٬

تون ايڏا جو اپساھ آڇون اچين ٿي ٬


تڏھن مان ت پنھنجي سڃي شائري ۾٬

پنھنجي آپگيتي واري ڊائري ۾٬

ڳائيندو وڄائيندو لکندو وتان ٿو٠



اوڌرتي مان تنھنجي رخت ڏيندي ڏيندي٬

رھندو مان تنھنجو قرضي ٿيندو وڃان ٿو٠