سڄو ڏينهن رستن تي رلندا رهيا،
مگر سڏ تنهنجي نه در تي پڳا.

سدا مرڪ توکي مبارڪ هجي،
اسان کي ته سڏڪا ئي سڏڪا مليا.

اسان جو ڇڏي لڙڪ ڀي ساٿ ويا،
لڳو لڙڪ پنهجا به پنهجا نه ها.

سڄي رات توسان رهاڻيون ڪيون،
اڪيلو هيس نيڻ جڏهن کليا.

ڀري ڇرڪ سرتاج ٻاهر ڏٺم،
هوا تي جڏهن تاڪ در جا کليا