هر ڪو پنهنجي جذبن پويان،
مست مگن آ هي سپنن پويان،

هٿ ڌوئي ڇو ڪڊ پيا آهيو ؟
ائين سنڌ۔ سنڌين پويان!

اکيون ٻوٽي ڪاڏي وڃي ٿو؟
عوام پير ۔ وڏيرن پويان!

ڪو ٿو لڪائي "ڪامران" چهرو،
واڳون جي ڳوڙهن پويان!!!